Introduction
Mir Sher Muhammad Khan Talpur Public School, Mirpurkhas is one of the leading residential institutions in the province of Sindh and is recognized as the third largest boarding school in the region. Located in the historic and culturally rich city of Mirpurkhas—a city widely known for its delicious mango orchards and natural serenity—the school provides an inspiring environment for academic and personal growth.
بسم الله الرحمن الرحيم
The foundation stone of the school was laid by Lt. Gen. Mohammad Iqbal, Martial Law Administrator Zone “C”, on Friday, 23rd June 1978. The opening ceremony of the institution was later performed by Lt. General S.M. Abbasi HI(M)-S-Bt., Governor of Sindh, on 2nd July 1980.
Since its establishment, the school has played a significant role in providing quality education and nurturing young minds to become responsible citizens. The school is spread over an area of 46 acres, providing a spacious and well-organized campus that supports academic excellence, character building, and extracurricular development.
The serene surroundings and peaceful atmosphere create an ideal setting for learning, discipline, and holistic development. The institution comprises four residential hostels, namely:
- Mir Achan House I & II
- Shah Latif House
- Girhori House
- Bakhtawar House
These hostels accommodate students in a disciplined and nurturing boarding system designed to promote leadership, responsibility, and teamwork among Parkerians.
The school is located at a convenient distance of 6 to 7 kilometers from Mirpurkhas city center, while Hyderabad is situated approximately 70 kilometers away. The campus is surrounded by beautiful natural scenery, offering a peaceful and conducive atmosphere for learning, physical training, and sports activities.
A notable geographical feature near the school is the Jamrao Canal, located approximately 10 kilometers from Mirpurkhas city, which adds to the natural charm and tranquility of the surroundings and serves as a pleasant spot for relaxation and outdoor activities.
The school operates under the Board of Governors, which oversees its strategic direction and policy matters. The Principal serves as the Member and Secretary of the Board of Governors and is responsible for the overall administration and management of the institution in accordance with the established rules and regulations.
The Board of Governors ensures that the institution maintains high standards of education, discipline, and character development, in line with its mission of producing responsible, confident, and capable citizens for the nation.
تعارف
مير شير محمد خان ٽالپر پبلڪ اسڪول ميرپورخاص. سنڌ اندر معياري تعليم جي بهتري لاءِ سرڪار هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو ته پبلڪ سيڪٽر مان مخير ۽ سرندي وارن ڌرين کي پاڻ سان ملائي هڪ اهڙو رهائشي تعليمي نظام جوڙيو وڃي.
هي سنڌ جو ٽيون پبلڪ اسڪول آهي، جيڪو 1980ع ۾ قائم ڪيو ويو. جڏهن ته هن جي پيڙهه جو پٿر عزت مآب ليفٽيننٽ جنرل محمد اقبال صاحب، مارشل لا ايڊمنسٽريٽر زون سي، جمعي جي مبارڪ ڏينهن 23 جون 1978 تي رکيو.
افتتاح جي تقريب 02 جولائي 1980 تي عزت مآب ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي صاحب، گورنر سنڌ جي هٿان ٿي.
جيئن ته هي ماڊل ان وقت جي ضلعي ٿرپارڪر (جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو) ۾ قائم ڪيو ويو. ميرپورخاص ضلعي جو وڏو شهر هو جتي مير صاحبن جو وڏو اثر رسوخ هو. مير محمد خان عرف مير آچن صاحب ۽ ان وقت جي ڊي سي محمد هاشم صاحب جي ڪوششن سان پبلڪ اسڪول ميرپورخاص قائم ٿيو.
ضلعي ميرپورخاص جي ڪيترن ئي مخير ماڻهن ۽ ادارن مالي مدد ۽ زرعي زمين گفٽ طور ڏني ته جيئن هڪ مثالي تعليمي ادارو قائم ٿئي. هن اداري کي ڪُل 297 ايڪڙ زرعي زمين ملي، جنهن مان 47 ايڪڙ ديهه ڦاڏرو جهلوري روڊ تي ۽ باقي 250 ايڪڙ زرعي زمين ڪنري، عمرڪوٽ، پٿورو ۽ ڪوٽ غلام محمد تعلقن ۾ موجود آهي.
سنڌ قديم دور ۾ ميرن جي راڄڌاني رهي آهي، ۽ ميرپورخاص جي تاريخ تي ماڻڪاڻي ميرن جي حڪمراني رهي. شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر جي نالي سان هن اسڪول کي منسوب ڪيو ويو آهي.
پبلڪ اسڪول شهر کان پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف جهلوري روڊ تي واقع آهي. ڪراچي کان 225 ڪلوميٽر، حيدرآباد کان 65 ڪلوميٽر، مٺي کان 145 ڪلوميٽر، عمرڪوٽ کان 75 ڪلوميٽر ۽ سانگهڙ کان 70 ڪلوميٽر پري آهي.
هن وقت هن اسڪول ۾ هاسٽلز موجود آهن:
- شاهه عبداللطيف ڀٽائي هاسٽل
- عبدالرحيم گرهوڙي هاسٽل
- مير آچن هاسٽل
- بختاور هاسٽل
مجموعي طور تي تقريباً 350 شاگردن ۽ 50 شاگردياڻين جي رهائش جو بندوبست موجود آهي.
هتي معياري تعليم سان گڏ ٻارن جي جسماني سرگرمين (Physical Activities) جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو. سائنسي تعليم لاءِ اعليٰ درجي جون ليبارٽريون ۽ جديد ڪمپيوٽر ليب پڻ موجود آهي.
اداري کي هلائڻ لاءِ هڪ انتظامي بورڊ قائم آهي، جنهن جو چيئرمين ڪمشنر ميرپورخاص هوندو آهي. بورڊ جي ميمبرن ۾ مير آچن فيملي جو هڪ فرد تاحيات ميمبر هوندو آهي، جڏهن ته باقي ميمبر وقت بوقت تبديل ٿيندا رهندا آهن.
بورڊ اداري جي انتظام لاءِ هڪ پرنسپال مقرر ڪندو آهي. موجوده پرنسپال پروفيسر عمران احمد لاڙڪ صاحب آهن. پرنسپال بورڊ جو سيڪريٽري پڻ هوندو آهي.
بورڊ جو چيئرمين بورڊ جي ميمبرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي اداري جي انتظامي ڪاروهنوار جي نگراني ڪندو آهي.
هن وقت ميرپورخاص جي چونڊيل نمائندن ڀرپور تعاون سان پبلڪ اسڪول لاءِ اٺ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي، جن ۾ گرلس هاسٽل، ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي تعمير، سولر سسٽم، روڊن جي تعمير وغيره شامل آهن.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ بيت المال جا شاگرد هتي اسڪالرشپ تي تعليم حاصل ڪن ٿا. ان کان علاوه ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا شاگرد ڊي اسڪالر طور پڻ پڙهن ٿا.
هتي اعليٰ معياري تعليم سان گڏ بهترين کاڌو، سٺي رهائش، ڊسپينسري، مسجد ۽ لائبريري جو پڻ بهترين انتظام موجود آهي.
